ڪتاب جي تصوير

ڪتاب جي تصوير

پاڪستان ۾ قومي سوال

پاڪستان ۾ قومي سوال (ڪتاب ):هي ڪتاب اڳوڻي کاٻي ڌر جي شاگرد اڳواڻ امداد چانڊيي جو لکيل آهي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ موجود قومي سوال کي مارڪسزم جي نقطه نگاهه کان سمجهائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه جاگيرداري، سرمائيداري ۽ طبقاتي سوال تي پڻ بحث ڪيو ويو آهي، ڪتاب ۾ ليکڪ پاران پنهنجي سياسي زندگيءَ جا لاها چاڙها ۽ واقعا پيش ڪرڻ سان گڏ ان وقت ۾ ٿيندڙ قومپرست ۽ کاٻي ڌر جي سياست، جنهن ۾ تضادن جو به تفصيلي بحث ڏنو ويو آهي، ضيائي مارشل لا واري دؤر ۾ ٿيندڙ شاگرد سياست جو احوال به ڪتاب ۾ تفصيل سان ڏنل آهي، ڪتاب ۾ سائين جي. ايم. سيد، رسول بخش پليجي ۽ ٻين قومپرست ۽ ڪميونسٽ اڳواڻن جا حوالا پڻ ڏنا ويا آهن، 1986ع ۾ پرڀات پبليڪيشن طرفان ڪرائون سائيز ۾ شايع ڪرايل، ڪچي جلد واري هن ڪتاب ۾ ڪل 238 صفحا آهن، جڏهن ته ڪتاب جي قيمت 25 رپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو